سري رنجني

سري رنجني (راڳ): هن راڳ جو تعلق پڻ سنڌ جي قديمي ٺاٺ سان آهي. هي راڳ پڻ اوڊو، کاڊو سرگم سان جڙيل آهي. هي راڳ ڪافي ٺاٺ سان واسطو رکي ٿو ۽ اوڊو، کاڊو سرگم تي ٻڌل سرن تي بيٺل راڳ آهي. انهيءَ راڳ جو وادي سر مڌم (ما) ۽ سموادي سر کرج (سا) آهي. هن راڳ جي ڪيفيت ڀاڳيسريءَ جي روپ جهڙي آهي، پر سري رنجني راڳ ڀاڳيسريءَ کان مختلف انهيءَ ڪري آهي، جو ڀاڳيسريءَ جي امروهيءَ ۾ پنچم (پا) جو سر لڳايو ويندو آهي، پر هن راڳ ۾ پنچم (پا) سر نه لڳندو آهي. هن راڳ کي آلاپڻ جو وقت رات جو ٻيو پهر آهي، راڳ جي شڪل هن ريت آهي:
آروهي: سا-گا-ما-ڌي-نا-سا
امروهي: سا-نا-ڌي-ما-گا-ري-سا
مختصر طور آروهي ۽ امروهيءَ لاءِ سمجھاڻي ڏجي ٿي ته آروهيءَ ۾ جيڪي به سر لکيل ملن ٿا، تن کي کاٻي پاسي کان پڙهڻ سان امروهيءَ جو روپ ملي پوندو. سا-ري-گا-ما-ڌي-نا-سا


لفظ سري رنجنيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو